واٽسن کانپوءِ سيمي به پاڪستان ٽيم جو ڪوچ بڻجڻ واري آڇ ٿڏي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مقامي اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان ڊيرن سيمي به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻجڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي.
اخبار دي نيوز جي رپورٽ موجب، پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي جي هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي پاڪستان ٽيم جي ڪوچ بڻجڻ واري پي سي بي جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊيرن سيمي جي انڪار جو ڪارڻ سندس ويسٽ انڊين بورڊ سان معاهدو ٻڌايو پيو وڃي جتي هو ون ڊي انٽرنيشنلز ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ ٽيم جي هيڊ ڪوچ طور ذميواريون انجام ڏئي رهيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن به پاڪستان ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻجڻ واري آڇ ٿڏي ڇڏي هئي.
شين واٽسن ڪراچي ۾ جاري پاڪستان سپر ليگ جي ميچن دوران پي سي بي اختيارين سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون، ان دوران پي سي بي کيس هيڊ ڪوچ جي عهدي جي آڇ ڪئي جنهن لاءِ اڳوڻي ڪرڪيٽر آڇ ۾ شرط طئي ڪندي شروع ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي پر ٻه ملين ڊالرز جي مبينا آڇ باوجود واٽسن ميڊيا ۾ خبرون ليڪ ٿيڻ تي آڇ رد ڪري ڇڏي هئي.
اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر انڪار لاءِ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي ڪامينٽري ۽ ميجر ليگ ڪرڪيٽ ٽيم سان فرانسسڪو يونيڪورنز جي هيڊ ڪوچ جي عهدي جو جواز ڄاڻايو هو.
سيمي ۽ واٽسن جي هيڊ ڪوچ واري ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي نيوزيلينڊ خلاف 14 اپريل کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ 25مارچ کان 8 اپريل تائين ڪاڪول ۾ شيڊيول فوجي تربيتي ڪئمپ دوران قومي ٽيم جي نگراني لاءِ عارضي ڪوچ لاءِ ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.