اسٽيٽ بئنڪ جو وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ ڀيرو وري وياج جي شرغ 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائي موجب، مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، هلندڙ مالي سال معاشي جي ڊي پي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو رهندي ۽ معاشي جي ڊي پي ۾ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي اهم آهي.
مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي اميدن موجب گهٽجڻ شروع ٿي آهي، سپٽيمبر 2025ع تائين مهانگائي 5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ لاءِ موجودا پاليسي جو تسلسل ضروري آهي جڏهن ته فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح 23 ڏهائي 1 سيڪڙو رهي.
ياد رهي ته اسٽيٽ بئنڪ 26 جون 2023ع تي وياج جي شرح 22 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرغ 22 سيڪڙو تي برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.