لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ادارن جي نجڪاري کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
لاهور ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته هو پاڪستاني شهريت حاصل ڪري ڏاڍو سٺو محسوس ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سندن ايجنڊا رڳو عملدرآمد ۽ نفاذ جي آهي، حڪومت جو ڪم بزنس هلائڻ نه پر پاليسيون جوڙڻ آهي ۽ جيڪڏهن ارادا مضبوط هجن ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي.
ادارن کي خانگائڻ بابت ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ادارن جي نجڪاري ضرور ٿيندي، جنهن ۾ پي آءِ اي سرفهرست آهي، ادارن کي هلائڻ لاءِ نجي شعبي کي اڳتي اچڻو پوندو.
You might also like