حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي مهانگي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف جي مطالبي تي هڪ جولاءِ کان بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.
حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي مهانگي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاسٽ رڪوري لاءِ ماهوار، ٽه ماهي ۽ سالياني ايڊجسٽمينٽ ڪئي ويندي، ٽيڪس ريونيو وڌائڻ لاءِ معيشت کي جيئن جو تيئن دستاويزي شڪل ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي وئي.
آءِ ايم ايف جو بي آءِ ايس پي تحت حقدارن جو تحفظ يقيني بڻائڻ تي زور، حڪومت بي آءِ ايس پي محستحقن جو انگ جون تائين وڌيڪ وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
سخت مانيٽري پاليسي ۽ مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ جي پاليسي به برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي.
حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ننڍي بجيٽ ۽ ڪرياني تي ٽيڪس لڳائڻ کان پاسو ڪيو آهي.
ايندڙ اجلاس ۾ ڪرياني جي دڪانن تي ٽيڪس لڳائڻ جي اسڪيم تي ادارن کي آگاهه ڪرڻو پوندو.
عالمي مالياتي فنڊ پاران پنجاب جي مالي حيثيت تي به تنقيد ڪئي وئي ۽ خرچ گھٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پنجاب گھربل آمدني گڏ ڪرڻ ۽ بي لگام خرچن کي لگام ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
پنجاب جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جا اختيار ايف بي آر کي ڏيڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي، آءِ ايم ايف قرضن جي ادائيگي ۽ وڌندڙ خرچن تي به ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
بجيٽ خساري جو طئي ٿيل هدف نظرثاني بعد جي ڊي پي 7.9 سيڪڙو تائين پهچي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.