آءِ ايم ايف آفيس ٻاهران احتجاج درست هو پر فوج مخالف نعرن جو علم ناهي: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران احتجاج ۾ فوج مخالف نعرن جو علم ناهي، 3 ڪروڙ ووٽ اسان جي جماعت کي مليا ۽ 3 ڪروڙ ووٽ 17 جماعتن کي مليا، چونڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي.
عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ٻاهرئين ملڪ آءِ ايم ايف جي آفيس سامهون جيڪو احتجاج ٿيو اهو درست هو پر ان ۾ فوج مخالف نعريبازي جو علم ناهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن جي فوري طور آڊٽ ڪرائي وڃي، اسان جي جماعت کي 3 ڪروڙ ووٽ مليا ۽ 3 ڪروڙ ووٽ 17 جماعتن کي مليا، ملڪي معيشت ٻڏي رهي آهي، ملڪ ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، هيءَ حڪومت نه هلي سگهندي.
سندس چوڻ هو ته ڪير منهنجي گهر تي ڪاهه ڪري ۽ چئي ته وساري ڇڏ اهو ڪهڙو انصاف آهي؟ ووٽ کي عزت ڏيندڙن ووٽ کي عزت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، شريف خاندان جو بوٽ بنا گذارو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.