سعودي ولي عهد جو وزيرِاعظم سان رابطو، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ ۾ رابطو ٿيو آهي.
ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون.
وزيراعظم واڌايون ڏيڻ تي سعودي ولي شهزادي محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم خادم حرمين الشريفين سلمان بن عبدالعزيز جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام کي رمضان جون واڌايون به ڏنيون.
وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام خادم حرمين الشريفين ۽ سعودي ولي عهد جو احترام ڪري ٿو.
شهباز شريف چيو ته دعا آهي ته ڀلاري مهيني جي ڪري دنيا جي سڀني مسلمانن لاءِ امن ۽ خوشحالي ٿئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا سعودي عرب سان تاريخي، ثقافتي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن،
شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن هر ڏکيائي ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي پاڪستان دوري جي دعوت ڏني.
هن چيو ته پاڪستان جو عوام سعودي ولي عهد جي گرم جوشي سان آجيان جي انتظار ۾ آهي .
سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان به وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن.ا لاڳاپا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.