آرمي چيف سان بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ جي ملاقات

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي .
بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ جي ايڇ ڪيو پهچي آرمي چيف سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ ٻه طرفي فوجي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .
ملاقات ۾ علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون .
ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير بحرين سان فوجي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پاڪستان جو عزم ورجايو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير گڏيل سيڪيورٽي جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ تي زور ڀريو
آرمي چيف خطي جي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ سهڪار جي اهميت تي به زور ڀريو
آءِ ايس پي آر موجب، بحرين جي ڪمانڊر پاران دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي وئي .
آرمي چيف چيو ته بحرين سان مضبوط دفاعي، سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.