گڏيل قومن ۾ اسلام فوبيا خلاف پاڪستان جو ٻيو ٺهراءُ منظور

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ اسلام فوبيا خلاف پاڪستان جو ٻيو ٺهراءُ منظور منظور ڪيو ويو.
اسلامي سهڪاري تنظيم جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان طرفان ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
قرارداد جي حق ۾ 115 ووٽ آيا، ڪنهن به مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته ووٽنگ دوران 44 ميمبر غير حاضر رهيا.
قرارداد ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص نمائندي جي مقرري جو مطالبو ڪيو ويو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته عالمي برادري اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.
هن چيو ته اسلام فوبيا ۽ نسل پرستي جو سڀ کان وڏو ثبوت اسرائيل جو فلسطين تي حملو آهي.
سندس چوڻ هو ته خاص نمائندي مقرر ڪرڻ جو مقصد اسلامو فوبيا جي خلاف قدم شروع ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.