سنڌ سرڪار جو عيسائي ملازمن کي 29 مارچ تي پگهار ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت   ايسٽر جي ڪري سرڪاري عيسائي ملازمن کي 29 مارچ 2024 تي مارچ مھيني جي پگھار اڳواٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي ليٽر لکيو ويو آهي.

  1. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار فائرنگ واقعن ۾ 5 ڄڻا زخمي

ڪراچي  (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ فائرنگ جي واقعن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شاھراع نورجھان شادمان نمبر 2 سيڪٽر 14 B ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ سيد ارسلان ولد عمران علي ۽ وليد احمد ولد خالد احمد زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو. ماڙيپور ٿاڻي جي علائقي بلديا حب ريور روڊ تي ٽريفڪ پوليس چوڪي ڀرسان ڦر جي دوران فائرنگ ۾ عبدالوھاب ولد حبيب الله زخمي  ٿيو، لانڍي جي علائقي مجيد ڪالوني سيڪٽر ون مدينا مسجد جي ڀرسان جھيڙي جي دوران فائرنگ ۾ بلال ولد بخت زمين زخمي ٿيو. لانڍي اسپتال چورنگي جي ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ ھدايت گل ولد رحمت گل زخمي ٿي پيو.

  1. سرجاڻي ٽائون پوليس زمينن تي قبضي ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سرجاني ٽائون پوليس زمينن تي قبضي ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار ۽ گاڏي هٿ ڪري ورتي. ترجمان ايس ايس پي ويسٽ شاد ابن مسيح موجب گرفتار جوابدارن ۾ محمد سلطان خان، عبدالوهاب ۽ حسين محمد لينڊ گريبر شامل  آهن. گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ مني رائفل ۽ هڪ پستول هٿ ڪيو ويو، گرفتار جوابدار جي ويگو گاڏي به پوليس ضابطي موجب هٿ ڪري ورتي، گرفتار جوابدار علائقي ۾ خوف پکيڙڻ لاءِ گارڊن ،  هٿيارن جو استعمال ڪيو. گرفتار جوابدارن خلاف ٿاڻي جي حد ۾ ڪيس داخل ڪري سندن ٻين ساٿين ۽ قبضي ۽ وڪرو ڪيل زمين بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي مدد ۾ اهم ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن جن کي جلد سامهون آندو ويندو.

  1. عسڪري پارڪ جي زمين تان حددخليون ختم نه ٿيون، ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود عسڪري پارڪ جي زمين تي حددخلين جو خاتمو نه ڪرائڻ وارو ڪيس ۾ ڊي جي پارڪس ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت توهين عدالت جي درخواست تي ڊي جي پارڪس ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ سليم مڱريو چيو ته 2021ع ۾ سپريم ڪورٽ عسڪري پارڪ جي زمين تي قبضي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم باوجود عسڪري پارڪ ۾ غير قانوني دڪانن سميت حددخليون نه هٽايون ويون، ايڊووڪيٽ سليم مڱريو وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي حڪم تي عملدرآمد لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، عدالت کي درخواست آهي ته عسڪري پارڪ جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، درخواستگذار جي  وڪيل چيو ته عدالت به عدالتي حڪم تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو هو پر عدالتي حڪم باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي،

  1. امير بالاج ٽيپو قتل ڪيس، دبئي فرار ٿيل جوابدار گرفتار

لاهور (م ڊ) ٽيپو ٽرڪان والا جي پٽ امير بالاج ٽيپو جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،  پوليس جو چوڻ آهي ته امير بالاج ٽيپو کي قتل ڪندڙ جوابدار جي هڪ ٻئي ساٿي جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جوابدار قتل جي ٻئي ڏينهن سيالڪوٽ ايئرپورٽ کان دبئي فرار ٿي ويو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شادي ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرائي تي ڪار ورتي هئي، گاڏي برآمد ڪري ڊرائيور کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

  1. اسپيشل جج کي اسد طور جي ضمانت بابت اڄ فيصلو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد کي صحافي اسد طور جي ضمانت جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق صحافي اسد طور جي ضمانت جي درخواست تي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اسپيشل جج سينٽر کي اسد طور جي ضمانت  جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪري فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس عامر فاروق حڪم ڏنو ته ايف آءِ اي اختياريون به رڪارڊ سان گڏ اڄ اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ پيش ٿين. عدالت اسد طور جي ضمانت جي درخواست ٽرائل ڪورٽ کي هدايتن سان گڏ اڪلائي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.