لڳي ته ايئن ئي ٿو ته سنڌ حڪومت اترين علائقن ۾ قائم ڌاڙيلن جي راڄ کي ختم ڪرڻ ئي نٿي گهري نه ته ڌاڙيلن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ حڪومت لاءِ ڪو مسئلو ئي نه هئڻ گهرجي، چوويهه ڪلاڪن اندر ئي حڪومت ڌاڙيلن کي نابود ڪري سگهي ٿي پر اها ڪيڏي نه ناقابل يقين ڳالهه آهي ته هن وقت ڌاڙيلن جو خاص ڪري اترين علائقن ۾ حڪومتي نيٽ ورڪ کان وڌيڪ غلبو آهي. سندن راڄ ايئن آهي جيئن ڪجهه سال اڳ ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ طالبانن جي اڻ سڌي حڪومت هئي.
اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي نمائنده اقتداري جماعت پ پ جيڪا گذريل پندرنهن سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي تنهن ايڏي عرصي ۾ هڪ ڀيرو به ڌاڙيلن خلاف غير معمولي ۽ فيصلائتو آپريشن نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته ان حوالي ۾ وري به مسلم ليگ(ن) جي حڪومت جو ريڪارڊ سٺو آهي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي پهرين حڪومتي دور ۾ ئي ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪري ڏيکاريو هو، ايئن 2013ع واري حڪومت ۾ مسلم ليگ (ن) راحيل شريف جي چيف آف آرمي اسٽاف واري دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي نالي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ انتهائي يادگار ۽ فيصلائتو آپريشن ڪري ڏيکاريو هو جنهن جا اثر ڪافي سالن تائين نظر آيا. هاڻي به مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت کي ئي لڳي ٿو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو مطالبو ڪرڻو پوندو.
پ پ حڪومت مان بظاهر ڪا اميد نظر نٿي اچي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته پ پ حڪومت ۾ ئي ڌاڙيلن جون وارداتون وڌي وينديون آهن. اهو به تاثرعام آهي ته خود حڪومت پوليس، وڏيرن ۽ مقامي انتظاميا جي اندورني طور ڌاڙيلن کي پٺڀرائي مليل آهي. انهيءَ پٺڀرائي جو عالم اهو آهي ته هاڻي ڌاڙيلن وٽ ڄڻ پنهنجي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي. اترين علائقن ۾ پ پ جي سرڪار جي ڪا رٽ ناهي رهي. ڌاڙيلن وٽ راڪيٽ لانچر جهڙا جديد هٿيار آهن، ماڻهن کي اغوا ڪري کانئن ڪروڙين رپين جو ڀتو وصول ڪرڻ سندن لاءِ ڪو مسئلو ئي ناهي. ڪافي وقت کان يرغمالين جون تشدد ۽ تذليل واريون ويڊيو ٺاهي وائرل ڪن ٿا ۽ ايئن سندن خاندانن کي عذاب ۾ مبتلا ڪري کين ڀتو ڏيڻ تي مجبور ڪن ٿا پر مجال آهي جو حڪومت کين چئلينج ڪري سگهي.
سوال اهو ئي آهي ته پ پ حڪومت ڌاڙيلن کي ڇو نه ٿي چئلينج ڪري. باوجود ان جي مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو وڏ وزارت جو اعزاز ماڻڻ کانپوءِ اسيمبلي ۾ ڪيل پهرين تقرير ۾ ئي اعلان ڪيو هو ته ڌاڙيلن جو خاتمو سندس اولين ترجيح اهي پر عملي طور ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نظر نٿي اچي.
رپورٽون آهن ته اتريان علائقا ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي حوالي آهن. قومي شاهراهه ۽ موٽر وي به هاڻي محفوظ ناهن. هن وقت به 40 کان مٿي ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن. 15 کان مٿي يرغمالي قتل ڪيا ويا آهن. عام رواجي سفر ڪرڻ به ڪنهن جوکم کان گهٽ ناهي رهيو. مسافر، ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي ور چڙهي وڃن ٿا.
ان بدترين صورتحال ۾ هڪ سٺي خبر ميرپور ماٿيلي واسي رتڪ ڪمار جي بازيابي جي آهي جنهن بابت چوٻول آهي ته هو 80 لک رپين جو ڀنگ ڀري آزاد ٿيو آهي يعني ان ۾ پوليس جي ڪا ڪارڪردگي ناهي. اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته ڌاڙيلن جو عام طور تي ٽارگيٽ هندو برادري هوندي آهي جيڪا ڌاڙيلن جي آزار ڪري سنڌ ڇڏڻ تي مجبور رهندي آئي آهي. هاڻي به اها لڏپلاڻ هلندڙ آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي يعني هندو برادري ووٽر به پ پ جي ئي رهي آهي.
هاڻي ته پوليس آفيسر پاڻ اعتراف ڪري رهيا آهن ته ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ جي منجهن صلاحيت ئي ناهي. پر اسان ان خيال سان متفق ناهيون. اسان سمجهون ٿا ته اصل ڳالهه ارادي ۽ نيت جي آهي. جڏهن پشاور جي هڪ ملٽري اسڪول تي دهشت گردن حملو ڪيو ته ان جي رد عمل ۾ نيشنل ايڪشن پلان جوڙي ڪامياب ترين آپريشن ڪيو ويو هو ۽ ان هڪ آپريشن ڪيترن ڏهاڪن کان هلندڙ دهشت گردي کي ختم ڪري ڏيکاريو هو. سو اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته حڪومتي نيٽ ورڪ ڏوهارين جي نيٽ ورڪ کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. پر هتي هڪڙن سامراجي، حڪومتي ۽ سياسي مفادن تحت هٿ سان حالتون خراب رکيون وينديون آهن. سياسي حلقن جو اهو به خيال آهي ته اصل ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر بدامني جو ماحول ٺاهيو ويو آهي ته جيئن ان پاسي ڌيان نه وڃي. ضروري ناهي ته اهي سياسي تجزيا درست به هجن پر جيڪڏهن هيڏن وسيلن ۽ طاقتن باوجود حڪومت سئو ڌاڙيلن جي آڏو ايئن مجبور ۽ لاچار هوندي ۽ بظاهر ساڻن مقابلو نه ڪري سگهڻ جو ماحول ٺاهيندي ته پوءِ چوڻ وارا ڪجهه به چئي ۽ سمجهي سگهن ٿا.
پر اسان وري به سنڌ جي وڏي وزير جو سندس ان پهرين تقرير ڏانهن ڌيان ڇڪائينداسين جيڪا هن ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيڻ جي موقعي تي اسيمبلي اندر ڪئي هئي ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ کي پنهنجي حڪومت جي اوليت ڄاڻايو هو. اسان ان روشني ۾ اهو پڇڻ تي حق بجانب آهيون ته ان ڏس ۾ اوهان هن وقت تائين ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي آهي. ڇا ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي يا نه. جيڪڏهن نه ته پوءِ عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪيئن ٿيندو، لڳ ڀڳ 40 يرغمالي ماڻهو ڪيئن بازياب ٿيندا، نيشنل هاءِ وي موٽر وي ڪيئن محفوظ ٿيندا، عام ماڻهن جو سفر ڪيئن تحفظ جوڳو رهندو، ڌاڙيلن جو راڄ ڪيئن ختم ٿيندو، نيٺ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو. آخر اهو معاملو ڪيستائين هلندو. سو سنڌ حڪومت کي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڏانهن وڃڻو پوندو ۽ پنهنجي حڪومتي رٽ قائم ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ مراد علي شاهه جو ٽيون وڏ وزارت وارو دور به ناڪام سمجهيو ويندو.