شهيد بينظير ڀٽو ڪالوني ڏوڪري ۾ جڏهن به مينهن پوندو آهي ته مينهن جو پاڻي تلاءُ واري شڪل وٺي بيهي رهندو آهي، جنهن جو وڏو نقصان اسان پاڙي وارن کي اهو ٿيندو آهي ته اسان جي پاڙي وارا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول وڃڻ کان محروم ٿي ويندا آهن.جڏهن ته عمر رسيده ماڻهو پڻ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويهي رهندا آهن ۽ انهيءَ کان علاوه نمازي ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويندا آهن.نه صرف ايترو پر جيڪي ڊيوٽي تي معمول موجب ويندڙ سرڪاري ملازم پڻ وڏي تڪليف مان گذري، ترڪندي،ٿاٻڙجندي،ڪرندي وڃي مين روڊ تي پهچندا آهن.
واضع رهي ته يوسي وڪڙو ۾ ايندڙ شهيد بينظير ڪالوني هر دفعي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي سو سيڪڙو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي، پ پ جي سنڌ ۾ 15 سالن کان لڳاتار حڪومت رهي آهي تنهن جي باوجود اسان کي هن وقت تائين روڊ، رستا ۽ فرشبندي جو ڪم نه ملي سگهيو آهي جو هتان جو عوام سڪ سان اچي وڃي سگهي.
اسان مطالبو ڪيون ٿا هتان جي چونڊيل نمائندن کان ته مهرباني ڪري اسان جي شهيد بينظير ڀٽو ڪالوني ڏوڪري کي روڊ رستا ڏنا وڃن ته جئين مينهن پوڻ ڪري هن ڪالوني جا رهواسي خاص طور تي اسڪول ويندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون بنا ڪنهن تڪليف جي اسڪول پهچي سگهن.
ساجد مسڻ