ھندو انتھاپسند ملڪ جي سيڪيولر حيثيت کي مڪمل ختم ڪري ڇڏيو آھي، چونڊن کان رڳو ھڪ مھينو اڳ تڪراري شھري ايڪٽ لاڳو ڪري عوام کي مذھبي طور تي وڌيڪ ورھايو پيو وڃي. شهريتي ترميمي ايڪٽ (سي اي اي) تي عمل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو آهي، جنهن موجب پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن مان هندو ۽ ٻين اقليتي گروهن جي ماڻھن کي شهريت ڏني ويندي.ھي قانون 2019ع ۾ منظور ٿيو ھو، پر ان جا ضابطا نه ٺاهيا ويا هئا.
قانون تحت پاڪستان، افغانستان ۽ بنگلاديش جي هندو، سک، ٻڌ، جين، پارسي ۽ عيسائي مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جيڪي مذھبي بنيادن تي ٿيندڙ ظلم۽ مسئلن سبب لڏپلاڻ ڪري ھندستان اچي ويا آھن، جيڪي بھ ماڻھو ڊسمبر 2014 تائين هندستان اچي ويا آھن، هاڻي هتي ئي رهندا اھي ھن مان فائدو حاصل ڪري سگھندا.پر مسلمانن کي ان قانون ۾ شامل نه ڪيو ويو آھي.مسلمانن موجب ھنن سان متڀيد وارو ورتاءُ ڪيو ويو آهي ۽ ان جو مقصد مسلمانن کي شهريت کان محروم ڪرڻ آهي.
ان نوٽيفڪيشن کانپوءِ شهريت لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ هڪ پورٽل ٺاهيو ويندو. جنهن ذريعي لاڳاپيل پاڙيسري ملڪن جا هندو ۽ ٻيا غير مسلم شهريت لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندا.
هندستان جي رياستن راجسٿان، دهلي، آسام، اتر اوڀر رياستن ۽ بنگال ۾ هزارين هندو، ٻڌ ۽ سک اھي آهن، جيڪي پاڪستان، بنگلاديش ۽ افغانستان مان هتي آيا، پر سالن ھتي رهڻ باوجود کين شهريت نه ڏني وئي آھي. پر هاڻي تيزيءَ سان انھن کي شهريت ڏني ويندي. چار سال اڳ پارليامينٽ ۾ شهريت جي ترميمي بل (CAA) متعارف ڪرائڻ کان بعد ان خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيو ھو.اپوزيشن جو چوڻ آهي ته ان قانون سان سڀني مذهبن سان برابري جي آئيني ضمانت جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.پر حڪومت ان جي ترديد ڪري ٿي.
اپوزيشن اڳواڻن ۽ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن قانون کي متعارف ڪرائڻ سان بي جي پي کي چونڊ ۾فائدو ٿيندو.ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ سي اي اي خلاف ٻه سئو کان وڌيڪ درخواستون داخل آهن. انهن کي گڏ ڪيو ويو آھي ۽ ڪنھن وقت بھ انھن جي ٻڌڻي شروع ٿي سگهي ٿي. ان قانون جو اصل امتحان تڏهن ٿيندو،جڏهن بنگالي غيرشھري قرار ڏنل هندن کي شهريت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي،ٻئي پاسي آسام ۽ بنگال ۾ غير رياستي قرار ڏنل مسلمانن کي غير ملڪي قرار ڏنو ويو آهي.