شاعر گلفام گل سانگي جي لکيل ٻولن ”هاڻي سنڌ رهڻ جهڙي پنهنجي ته رهي ناهي“ واري دل ڏاريندڙ هڪ پوسٽ ڪالهه نظرن مان گذري جنهن ۾ ڪشمور ضلعي جي شهر ڪرمپور جا ڪجهه منظر هيا جن ۾ ڪرمپور جي مشهور شخصيت ديوان انيل ڪمار اتم مل جو خاندان بدامني جي ڪري پنهنجي جنم ڀومي کي ڇڏي ڀارت لاءِ روانا ٿي رهيا هيا ۽ ڇڏي هليا به ويا پر ڪنهن جي مٿي تي ڪا جون به نه چري جو کين آٿت ڏئي کين وطن ڇڏڻ کان روڪين ها نه وري سرڪار ڪو انجو نوٽيس ورتو۔افسوس صد افسوس.ديوان انيل ڪپور جو خاندان ڪيترين ئي صدين کان ڪرمپور شهر ۾ رهندڙ هو ۽ ڪاروباري شخصيت هو جيڪو ڌاڙيلن جي ظلمن ۽ بدامني کان تنگ ٿي ٽيون ڏينهن ٻچڙن سان لڙڪ لاڙيندي پنهنجي اباڻي شهر جنم ڀومي ڪرمپور ۽ سنڌ نماڻي کي الوداع ڪري ڀارت روانا ٿي ويو جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ خاندان به ويزا ۽ لڏپلاڻ جي انتظار ۾ آهن جيڪا ڳالهه ڪنهن ڳڻتي کان گهٽ نه آهي ڪو پهريون ديوان خاندان ناهي ان کان اڳ به ڪيترائي خاندان ماضي ۾ بدامني ۽ ڌاڙيلن جي قهري ڪارواين سبب پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڀارت هليا ويا آهن ۽ هنن جي وڃڻ سان نه صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پر ڀارت سميت ٻاهرين ملڪن ۾ خراب اثر ويهندو ۽ سنڌ جي واپار ۽ ڪاروبار تي به منفي اثرات پوندا جنهن سان بک بيروزگاري به وڌندي جو هنن ديوانن جي ڪاروبار ۾ مسلمان نوجوان به روزگار ڪندا آهن۔
هندو برادري سنڌ جو بنياد ۽ يڪجهتي جو هڪ نشان آهي جن جو سنڌي مسلمانن سان صدين کان پيار محبت ۽ ڀائپي وارو رشتو رهيو آهي جن جي سنڌ ڇڏڻ سان ٻئي ڌريون اڪيلائپ جو شڪار رهنديون۔ سنڌ جا حڪمران جاگيردار سردار ۽ وڏيرا نٿا چاهين ته سنڌ جا پرامن محنت ڪش سنڌ ۾ ڪو سکيو ساهه کڻن۔ڌاڙيل به هنن جا اسيمبلي ميمبر به هنن جا وزير ۽ ڪامورا به هنن جو اولاد ۔ جڏهن ماڻهن کي امن ۽ انصاف نه ملندو ته ڪک ته لازمي ڇڏڻا پوندا جڏهن ويڙها خالي ٿيندا ته واهڻ وسنديون ڳوٺ شهر ويراني جو ڏيک ڏيندا جتي واري اڏامڻ کانسواءِ ٻي ڪا به مخلوق نظر نه ايندي۔
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جڏهن به عوامي راڄ اچي ٿو چونڊيل حڪومتون اچن ٿيون ته سنڌ ۾ لاقانونيت وڌي ٿي ڌاڙيل ڦورو چور ڪر کڻن ٿا جن جو ڪو به ايمان ناهي هوندو نه وري اهي ڪنهن ذات پاڪ کي ڏسندا آهن جيڪو سامهون ايندن تنهن کي شڪار ڪندا۔سنڌ ۾ ڌاڙيل ڦورو چور اڄ پئدا ناهن ٿيا پنجاهه سٺ سالن کان سندن ڪاروايون هلنديون پيون اچن پر اوائلي دور ۾ هنن جو انگ نه هجڻ جي برابر هو صرف ڌاڙو هڻندا يا ڦر ڪندا هيا پر موجوده دور جا ڌاڙيل غريب غربو به نٿا ڇڏين کين اغوا ڪري ڪروڙن رپين جي ڀنگ جو مطالبو ڪن ٿا۔ڀنگ نه ملڻ تي مغوين کي ماريو به ڇڏين ۽ گهرن جا گهر معاشي طور تباهه ٿي وڃن ٿا۔ماضي ۾ دادو نوابشاه ۽ لاڙڪاڻي جا ٻيلا ڌاڙيلن جي پناه گناهه هيا جن جي وڍجي وڃڻ ڪري هاڻ ڌاڙيلن گهوٽڪي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ٻيلن کي پنهنجي آمجگاهه بڻايو آهي جتي هن وقت به وڏي انگ ۾ مغوي ڌاڙيلن وٽ ڀنگ خاطر يرغمال آهن ۽ پوليس انهن کي آزاد ڪرائڻ ۽ يا ڌاڙيلن جو خاتمو آڻڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
سنڌ ۾ مبين ڏاهري صديق ڳهيلو ڪارو ڪرڪلي پرو چانڊيو علي گوهر چانڊيو محب شيدي ۽ ٻيا ڪافي ناليوارا ڌاڙيل ماضي جو حصو رهيا آهن جن جي ڌاڙيل بڻجڻ جون به مختلف روايتون ۽ داستان رهيا آهن ته اهي پوليس ۽ وڏيرن جي جبر ظلم سبب ڌاڙيل بڻيا ۽ اهي خاص ڪري عورت ذات جو احترام ڪندا هيا ڪنهن به بيوس غريب کي اغوا نه ڪندا هيا ڀل ۾ ڪو اغوا ٿيندو به هيو ته ان کي ادب احترام سان پئسا ڏوڪڙ ڏئي گهر لڳ ڇڏي ايندا هيا جڏهن ته هاڻ غريب غربو به نٿا ڇڏين
جڏهن اوائلي دور ۾ ڌاڙيل هيا ته سنڌ ۾ ميرٽ تي مقرر ٿيل پوليس ۽ انتظاميه جا ڪامورا هوندا هيا جيڪي سردارن جاگيردارن وڏيرن اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جو اولاد نه هيا غريب گهراڻن مان هيا جيڪي ڏوهارين سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪندا هيا نه ڪنهنجي ٻڌندا هيا ايڪشن ٿيندو هيو ڪارروائي ٿيندي هئي ۽ مقابلا ٿيندا هيا۔هن وقت پوليس بيوس آهي سردار وڏيرا جاگيردار طاقتور آهن جن جا آرڊر هلن ٿا۔هر بيوس ماڻهو سندن جو شڪار آهي۔وڏيرن ۽ سردارن جا پنهنجا پنهنجا ٽارچر سيل آهن پنهنجا پنهنجا ڌاڙيل ڦورو ۽ چور رکيل آهن جن کي هٿ وجهڻ پوليس جي وس ۾ ناهي۔ماڻهن جي جائدادن تي قبضا ٿين ۽ ننگ لٽجن معمول بڻجي چڪو آهي
اهڙي حالتن ۾ پرامن شريف ماڻهو اباڻا ڪک نه ڇڏيندو ته آخر ڪاڏي ويندو۔هي ته ديوان خاندان هو جيڪو شهر ته ڇا ملڪ ڇڏي ويو آهي اوهان پنهنجن جي به چنتا ڪريو مسلمان شرفا به وڏي انگ ۾ پنهنجا ڪک ڇڏي ڪراچي حيدرآباد پنجاب ۽ ٻين صوبن ڏانهن لڏي چڪا آهن جو اهي پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن۔لڏپلاڻ ٿيڻ ڪري زمينون غيرآباد ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ويران نظر ايندا۔آخر ڪهڙو جواز آهي جو سنڌ جا حڪمران ڏوهارين کان ايترا خوفزده آهن جو ڏوهارين تي ضابطو نٿا آڻي سگهن۔جڏهن پرو چانڊيو محب شيدي ڪارو ڪرڪلي ۽ ٻيا خطرناڪ ڌاڙيل انت تي پهچي سگهن ٿا ته اتر سنڌ جا هڪ اڌ ڌاڙيل سندن قابو ۾ ڇو نٿا اچي سگهن۔ضرور ايندا جڏهن کين قابو ڪرڻ جي نيت هجي۔جيڪڏهن پوليس بيوس آهي ته پوءِ ماضي جيان فوجي جوان گهرائي آپريشن ڪرايو وڃي جنهن سان ٿي سگهي ته سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچرل ختم ٿئي ۽ لڏپلاڻ بند ٿئي پنهنجا پنهنجن وٿاڻن ۾ رهن۔
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جڏهن به عوامي راڄ اچي ٿو چونڊيل حڪومتون اچن ٿيون ته سنڌ ۾ لاقانونيت وڌي ٿي ڌاڙيل ڦورو چور ڪر کڻن ٿا جن جو ڪو به ايمان ناهي هوندو نه وري اهي ڪنهن ذات پاڪ کي ڏسندا آهن جيڪو سامهون ايندن تنهن کي شڪار ڪندا۔