8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ جنم وٺندڙ عوامي طوفان کي روڪڻ جي لاءِ ڌانڌلي جي ذريعي لاڳو ڪيل مصنوعي نظام جي خلاف مخالف ڌر ۾ ڪاوڙ جي لھر وڌي رھي آھي.ھٿ ٺوڪي ان نظام ۾ ظاھري طور تي شڪست کاڌل سياسي لاشن ۾ روح ڦوڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جنھن جا نتيجا تباھي کانسواءِ ڪجھه بھ نھ آھن.وڏن عھدن تي فائز بند ڪمرن ۾ رٿون جوڙيندڙ پنھنجي سمورين ڳجھن ذريعن ۽ کليل ذريعن کي ڪتب آڻيندي عوامي لاڙي ۽ ان ۾ موجود بي چيني جي ڪيفيت جو اندازو ڪرڻ کان لاچار آھن.ھاڻي پڻ اھي عوامي خواھش جي ابتڙ جلعسازي سان مڙھيل نمائندن معرفت ملڪ جي نظام کي بھتر نموني ھلائڻ جا خواب ڏسي رھيا آھن.
ھاڻوڪين حالتن ۾ عوام جي اندر موجود ڪاوڙ جيتوڻيڪ دٻيل آھي پر اھا ڪنھن بھ صورت ۾ ھن انتظام کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي. جن سياسي قوتن کي مسند تي ويھاريو ويو آھي،اھي عوامي نفرت جو شڪار آھن،انھن جي اقتدار ۾ رھڻ سان اھا ڪاوڙ اڃان پڻ وڌندي،خود انھن جا پنھنجا نمائندا اھو چئي رھيا آھن تھ اسان کي زوري تخت تي ويھاريو ويو آھي،يعني اھي ڪنھن ٻئي تي اھي الزام مڙھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن،ڄڻ اھي مجبور ھجن.
انھن حالتن جو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي،ان کانسواءِ ملڪ کان ٻاھر پاڪستانين پاران پڻ انھن ڌانڌلين جي خلاف مختلف ملڪن ۾ ڪجھه نھ ڪجھه دٻاءَ وڌي رھيو آھي،سڄي دنيا ۾ ۽ پاڪستان ۾ ميڊيا جي اڪثريت مطابق پاڪستان جي عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي آھي،جنھن جا ٺوس ثبوت پڻ آھستي آھستي سامھون اچي رھيا آھن،جنھن تي پردو وجھڻ ممڪن نھ رھيو آھي.مجبوري ۾ ٽي وي پروگرامن ۾ اقتدار ۾ ويٺل اعليٰ عھديدران جي بري شڪست جو جائزو ورتو پيو وڃي،ڌانڌلي خلاف جاري ردعمل جي خوف کان حڪومت سوشل ميڊيا تي پابندي وجھڻ جو سوچي رھي آھي،جڏھن تھ ھندوستان ۽ بنگلاديش سوشل ميڊيا کي پرڏيھي ناڻي حاصل ڪرڻ ۽ غيرملڪي سرمائيڪاري کي فروغ جو ذريعو بڻائي ورتو آھي،ان حقيقت کان شايد ڪو انڪار ڪندو تھ پاڪستان جي موجود حڪمرانن جي اربين ڊالرن جي ماليت جي ڳجھي دولت ۽ جائيدادون دنيا جي مختلف امير ملڪن ۾ موجود آھن،پر ان کي سرڪاري رڪارڊ تي نھ پيو آندو وڃي،نھ ئي ان جي پاڪستان واپسي جو امڪان موجود آھي،ان باوجود اسان جا حڪمران اھا اميد ڪن ٿا تھ دنيا جي امير ملڪن مان سرمائيدار پاڪستان ۾ سرمايولڳائيندا.
عام تاثر اھو ئي آھي تھ مسلم ليگ ن ۽ اتحادين جي ڳچي ۾ مينڊيٽ چوري ۽ اليڪشن فراڊ جو طوق ٽنگيو پيو آھي.انھن جي اڳواڻ جا اربين ڊالر ٻاھرين ملڪن ۾ آھن،اھڙي تاثر سان جڏھن ڪنھن ٻئي ملڪ سان سيڙپڪاري جي ڳالهھ ٿيندي تھ اھي ڪئين تيار ٿيندا،اھڙي صورت ۾ رڳو اھي ئي سيڙپ ڪرڻ لاءِ اچي سگھن ٿا جن جا پنھنجا ڪي مفاد ھوندا ۽ اسان جو نقصان ئي ٿيندو.سيڙپڪاري جي لاءِ مناسب ماحول جي لاءِ پھرين امن امان لازمي آھي،جنھن ۾ اسٽريٽ ڪرائم،اغوا،فراڊ جي وارداتن جو خاتمو ٿئي،ان بعد بدعنواني ۽ رشوت جي روڪڻ سان واپارين ۽ صنعتڪارن کي اطمينان ڏياريو وڃي تھ ھر سطح تي ڪاروباري طبقي کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو پيو وڃي.ان صورت ۾ ئي اھي آزاد نموني ڪاروبار ڪري سگھن ٿا.ٻاھريان سرمائيدار پڻ ملڪي واپارين ۽ صنعتڪارن جي حالتن جو جائزو وٺي ڪري ئي سرمائيڪاري ڪن ٿا.
ھاڻوڪين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ذريعي جيڪڏھن اسين پاڻ ئي پنھنجي سڃاڻپ تي، بي ايماني ۽ چوري جو ٽڪو لڳائينداسين ۽ ان خلاف انصاف جي طلبگار ۽احتجاج ڪرڻ لاءِ مجبور سياستدانن کي طاقت سان چٿينداسين تھ عالمي سطح تي اسان جي شناخت وڌيڪ مجروح ٿيندي.ھاڻوڪين حالتن جي سنگيني جو وڏو سبب ھي آھي تھ جنھن وڏي پئماني تي ڌانڌلي جو تاثر موجود آھي ۽ جيڪي شاھديون سامھون اچي رھيون آھن،ان بعد ڌانڌلي سان سيٽن تي قبضو ڪندڙن کي عام طور تي سماج قبول ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.اھڙي طرح سان اقتدار جي ايوانن تائين پھچندڙن جو سماج ۾ ڪو قدر يا عزت نٿي رھي.اھي پنھنجي گھر ڀاتين ۽ ٻارڙن کي بھ سچائي جي تلقين ڪري نٿا سگھن.
ھن ڀيري پرزائيڊنگ آفيسرن جي صحيحن ۽ آڱوٺي سان جاري ڪيل فارم 45 سموري چونڊ عمل کي اھڙي ريت وائکو ڪري ڇڏيو آھي جو، سچائي بار بار سامھون اچي رھي آھي.جنھن جو ھڪ سبب ھر سيٽ جي لاءِ چونڊ اميدوارن کي پولنگ اسٽيشنن ۾ موجودگيءَ ۾ فارم جاري ڪرڻ آھي.جيڪي بلڪل ھڪجھه ڙا آھن،سڀني تي صحيحيون ۽ آڱو ٺن جي نشانن سان گڏ ڳڻپ بھ ھڪجھه ڙي آھي،اھو ئي حال پنجاب،خيبرپختوانخواھ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن جو آھي.انھن حالتن ۾ ان ڌانڌلي تي پردي وجھڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن ۽انصاف جي ادارن تي سواليھ نشان موجود آھي.انھن جي ساک داءَ تي لڳل آھي.ان ڌانڌلي جو فائدو مسلم ليگ ن،پيپلزپارٽي۽ ايم ڪيو ايم کي ٿيو آھي.ان ڪري انھن جماعتن کي پنھنجي ساک بحال ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ھوندو.انھن خود ئي مينڊيٽ چوري ۽ بي ايماني جو سھرو پنھنجي مٿان سجايو آھي،خود انھن جا ڪارڪن بھ انھن تي اعتبار ڪندي ٻڌتر جو شڪار رھندا.جيڪي جماعتون انھن ڌانڌلين خلاف آواز بلند ڪنديون انھن کي عوامي پذيرائي ملندي.پاڪستان جون حالتون آھستي آھستي افعانستان جي ان دور ڏانھن وڃن پيون،جتي اشرف غني جو آخري دور ھو.سڄي دنيا جون طاقتون ان کي سھارو ڏئي رھيون ھيون پر اھو زوال جو شڪار ٿيو.نتيجي ۾ اشرف غني کي ملڪ مان بي عزت ٿي ڀڄڻو پيو.
پاڪستان جي سياسي قوتن ۽ عوام جي ڌانڌلي خلاف تحريڪ شروع ٿي چڪي آھي.اھا ھڪ سياسي جنگ يا آئيني حقن حاصل ڪرڻ جي عوامي تحريڪ آھي.جيڪا عسڪريت پسندي کان گھڻو وڌيڪ طاقتور آھي، ان کي طاقت سان چٿڻ اھڙي خرابي پئدا ڪري سگھي ٿو،جنھن سان سمورو نظام ڌڏي سگھي ٿو.ھاڻوڪن حڪمرانن کي ان جو فڪر نھ آھي،جيڪڏھن آمريڪا،برطانيا يا ڪنھن ٻئي ترقي ڪيل ملڪ جي حڪمراني موجودھ حڪمرانن کي ڏني وڃي تھ اتي پڻ انساني حق ختم ٿي ويندا،بدعنواني عام ٿيندي ۽ ان لاڳاپيل ملڪ جي معيشت پڻ تيزي سان زوال پذير ٿي ويندي.جيڪي ماڻھون ھاڻوڪي حڪمران جماعتن مان اميد ڪري ويٺا آھن، انھن کي سمجھڻ گھرجي تھ انھن جو اڳوڻو تجربو شاھد آھي تھ ايندڙ وقت ۾ اھي پڇتاءِ جو شڪار ٿيندا،جنھن جو افسوس انھن کي ھميشھ رھندو.عوامي حمايت سان ايندڙ حڪومت ئي سموري سماجي کي متحرڪ ڪرس سگھي ٿي.جنھن سان زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ ترقي جا امڪان وڌي ويندا آھن،پر عوامي امنگن کي چٿڻ سان سمورو سماج مايوسي جو شڪار ٿي وڃي ٿو.سموريون سرگرميون ماٺيون ٿي وينديون آھن،معيشت جمود جو شڪار ٿي زوال پذير ٿي ويندي آھي.پاڪستان جو سماج ھڪڙي ئي صورت ۾ اڳيان وڌي سگھي ٿو،جڏھن انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي.ماڻھن کي تحفظ حاصل ھجي،انصاف جا ادارا غيرجانبدار ھجن ۽ ملڪ ۾ عوام جي خواھش مطابق حڪومت قائم ھجي.ھاڻوڪيون حالتن ۾ ٻھ سئو ارب ڊالر جي امداد سان بھ مسئلا جئين جو تئين ئي رھندا.
پاڪستان جي سياسي قوتن ۽ عوام جي ڌانڌلي خلاف تحريڪ شروع ٿي چڪي آھي.اھا ھڪ سياسي جنگ يا آئيني حقن حاصل ڪرڻ جي عوامي تحريڪ آھي.جيڪا عسڪريت پسندي کان گھڻو وڌيڪ طاقتور آھي، ان کي طاقت سان چٿڻ اھڙي خرابي پئدا ڪري سگھي ٿو،جنھن سان سمورو نظام ڌڏي سگھي ٿو.ھاڻوڪن حڪمرانن کي ان جو فڪر نھ آھي