انساني سرجنز کان وڌيڪ باصلاحيت روبوٽ سرجن متعارف

ميري لينڊ (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن طب جي شعبي ۾ اهڙو روبوٽ متعارف ڪرايو آهي جيڪو انسانن کان بهتر سرجري ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي محققن جي ٽيم ان روبوٽ سرجن کي تيار ڪيو آهي. اهو انساني جسم جي اندر انتهائي حساس هنڌن تان ڪيسنر جي ڳوڙهين (ٽيومر) کي ڪڍي سگھي ٿو جيڪو انتهائي تجربيڪار سرجنز لاءِ به چئلينج هوندو آهي.
سرجري ۾ ٽيومر کي ڪڍڻ وقت ان ڳالهه کي ترجيح ڏني ويندي آهي ته صحتمند ٽشوز کي وڌ کان وڌ محفوظ رکيو وڃي جڏهن ته ڪينسر وارين جيوگھرڙن کي ائين ختم ڪيو وڃي جو اهي ٻيهر واپس پيدا نه ٿي سگھن.
اهو هڪ ڏکيو آپريشن هوندو آهي خاص طور تي جڏهن متاثر جڳهه ڳچي، مٿو يا ٻيا نازڪ هنڌ هجن. اهو تجربيڪار سرجنز لاءِ به دٻاءَ کان گھٽ نه آهي.
پر هاڻي اهو مسئلو جلد ماضي جو حصو بڻجي ويندو ڇو جو سائنسدانن هڪ آٽونومس سسٽم فار ٽيومر ريسيڪشن (ASTR) متعارف ڪرايو آهي جيڪو هڪ قسم جو روبوٽ آهي.
ان کي آمريڪا جي جانز هاپڪنز يونيورسٽي جي محققن جي ٽيم ڊزائين ڪيو آهي جيڪو جسم جي نازڪ هنڌن تي ڪينسر جي سرجري ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ٽيم جو چوڻ آهي ته اهو روبوٽ سرجن ٽيومر کي درستگي سان ڪڍڻ ۾ انساني سرجنز جيترو يا ان کان به وڌيڪ ماهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.