عثمان خان کي پاڪستان طرفان کيڏڻ جي آڇ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي ڪرڪيٽ بورڊ، پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ مڊل آرڊر بيٽر عثمان خان کي پاڪستان لاءِ کيڏڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
پي سي سي ذريعن موجب، پاڪستان سپر ليگ جي نائين سيزن ۾ ٻه ۽ مجموعي طور ٽي سينچريون اسڪور ڪندڙ
يو اَي ايِ جي ڪرڪيٽر عثمان خان سان رابطو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان خان يو اي اي بدران پاڪستان طرفان کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي پر هن اِها آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، عثمان خان جو چوڻ آهي ته هو گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي ۽ هاڻي يو اي اي طرفان کي پنهنجي ڪرڪيٽ جاري رکڻ چاهي ٿو.
واضح رهي ته عثمان خان هلندڙ سيزن ۾ پهرين سينچري ڪراچي ڪنگز خلاف 59 بالن تي ٺاهي هئي، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف ٻي سينچري لاءِ هن 50 بال کيڏيا هئا، ان کان اڳ هو لاهور قلندرز خلاف به 96 رنسن جي اننگز کيڏي چڪو آهي.
پي ايس جي تاريخ ۾ تيز ترين سينچري ٺاهڻ جو اعزاز به عثمان خان کي حاصل آهي جنهن ٽورنامينٽ جي گذريل ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف رڳو 36 بالن تي ٺاهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.