اتر ڪوريا جي سربراهه جي جنگي مشق ۾ شرڪت

پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان جنگي مشق دوران ٽينڪ هلائي ۽ فوجي تياري جو مشاهدو ڪيو.

اڳڀرائي بابت اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا رپورٽ ڪيو جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جي گڏيل فوجي مشقن کانپوءِ اتر ڪوريا اهي مشقون ڪرايون.

رپورت ۾ چيو ويو ته ڪم جونگ ان انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو ته نئين قسم جي جنگي ٽيم پهرئين ڪارڪردي جي پهرئين مظاهري ۾ زبردست طاقت جو مظاهرو ڪيو.

رپورٽ موجب ٽريننگ ميچ ٽينڪ عملي  جي جنگي صلاحيتن کي جاچڻ ۽ مختلف مشنز دوران جنگي ڪارروائي کان آگاهه ڪرائڻ لاءِ ڊيزائن ڪئي وئي هئي.

سرڪاري ميڊيا چيو ته 105هين ٽينڪ ڊويزن فرضي جنگ جي فاتح رهي، هي اهو يونٽ آهي جنهن ڪوريا جي جنگ دوران ڏ کڻ ڪوريا جي راڄڌاني سيول تي قبضو ڪيو هو.

ان موقعي تي ڪم جونگ ان سان دفاع واري وزير سميت ٻيا اعليٰ عملدار به شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.