ملڪي حالتن مان مايوس پاڪستانين جو انگ وڌي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مالي حالتون بهتر ٿيڻ جي اميد رکندڙ شهرين جي شرح ۾ گذريل ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿي ويو.
اپسوس پاڪستان جي ڪنزيومر ڪانفيڊنس سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پُراميد پاڪستانين جي شرح گذريل ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌي وئي آهي.
سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو اهي ته 35 سيڪڙو پاڪستانين مستقبل ۾ پنهنجي مالي حالتن ۾ بهتري جي اميد ظاهر ڪئي، شهري سمجهن ٿا ته پاڪستان ۾ مالي حالتون بهتر ٿينديون.
ٻي پاسي سروي ۾ 35 سيڪڙو پاڪستاني مايوس نظر آيا جن جو چوڻ آهي ته مالي حالتون وڌيڪ ڪمزور ٿينديون، مايوسي ظاهر ڪندڙن پاڪستان جي شرح 2 سيڪڙو کان وڌي 43 سيڪڙو پهچي وئي، ملڪ جي گڏيل ۽ معاشي صورتحال تي پاڪستانين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، اهو تناسب نومبر 2023 جي سطح تي برقرار آهي.
ٻي پاسي 88 سيڪڙو ملڪ جي رخ کي غلط قرار ڏنو جڏهن ته 60 سيڪڙو پاڪستانين ملڪي معيشت جي موجودهه صورتحال کي ڪمزور چيو آهي، مستقبل ۾ ملڪي معيشت ۾ بهتري جي اميد ڪندڙ پاڪستان جي شرح 6 سيڪڙو گھٽجي 27 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.