سريلنڪن ڪرڪيٽر لاهيرو ٿريماني روڊ حادثي جو شڪار

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو سريلنڪن ڪرڪيٽر لاهيرو ٿريماني خطرناڪ ڪار حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، لاهيرو ٿريماني جي گاڏي سان حادثو خميس ڏهاڙي سريلنڪا جي شهر اونورادا پورا ۾ پيش آيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، لاهيرو ٿريماني جي گاڏي جو مخالف روڊ کان ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ ٿريماني جي گاڏي جو اڳيون حصو مڪمل طور تباهه ٿي ويو .
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حادثي ۾ لاهيرو ٿريماني معجزاڻي طور محفوظ رهيو، کيس معمولي ڌڪ رسيا آهن ۽ کيس استعمال داخل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي لاهيرو ٿريماني 44 ٽيسٽ، 127 ون ڊي ۽ 26 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ سريلنڪن ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هن گذريل سال جولاءِ ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.