يوڪرين کي اربين ڊالر فوجي امداد فراهم ڪرڻ جو فيصلو

يورپي يونين روس جي خلاف جنگ ۾ يوڪرين جي مدد لاءِ 5.48 ارب ڊالر (5 ارب يورو) جي فوجي امداد فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ اربع جي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ يورپي يونين يوڪرين کي فوجي امداد لاءِ 5.48 بلين ڊالر(5 ارب يورو) فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب فوجي امداد يورپي يونين جي انتظام هيٺ يورپي امن سهولت (اي پي ايف) فنڊ جي بحالي جو حصو آهي.
يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ يوڪرين جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
يورپي يونين موجب اي پي ايف اڳ ئي يوڪرين لاءِ فوجي امداد جي مد ۾ تقريبن 6.1 بلين يورو مختص ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.