واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان ۾ سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو بل منظور ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽڪ ٽاڪ تي ڪريڪ ڊائون جي بل جي حق ۾ 352 جڏهن ته مخالفت ۾ 65 ووٽ پيا. ايوان نمائندن کان مظوري بعد اهو بل منظوري لاءِ سينيٽ ۾ ويندو.
ڇيني ڪمپني بائيٽ ڊانس کي ٽڪ ٽاڪ ايپ کان ڌار ٿيڻ لاءِ 165 ڏينهن ڏنا ويا آهن، ٽڪ ٽاڪ کان ڌار نه ٿيڻ جي صورت ۾ بائيٽ ڊانس جي ويب سائيٽ هوسٽنگ سروس روڪي ويندي.
آمريڪا کي خدشا آهن ته چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ ذريعي حساس ڄاڻ چوري ٿي سگھي ٿي.
You might also like