ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو.
پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس ۾ اڄ 1015 پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس 65064 تي بند ٿيو.
اڄ ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1125 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، شيئرز بازار ۾ 31 ڪروڙ 52 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 10.48 ارب رپيا رهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 139 ارب رپيا واڌ سان 9246 ارب رپيا رهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن 13 مارچ تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي ۽ انڊيڪس ۾ 753 پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي.