عمان (ويب ڊيسڪ) اردن کان برطانيا ويندڙ جهاز ۾ عورت مسافر ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو جنهن جو نالو هوا ۾ ڄمڻ سبب سما رکيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز اردن جي راڄڌاني عمان کان برطانيا جي راڄڌاني لنڊن لاءِ اڏام ڀري، 2 ڪلاڪن کان پوءِ عورت مسافر جي طبعيت اوچتو خراب ٿي وئي.
عورت کي شديد سور محسوس ٿيڻ لڳو جنهن تي جهاز جي عملي اعلان ڪرايو ته ڪو ڊاڪٽر مسافر موجود آهي ته اسان جي مدد ڪري. خوش قسمتي سان جهاز ۾ هڪ ڊاڪٽر موجود هو جنهن عملي جي مدد سان ٻار ڄڻايو.
جهاز کي سفر دوران سڀ کان ويجهي ڏکڻ اٽلي جي برنڊيسي هوائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي جتي ماءُ ۽ ٻار کي ضروري طبي امداد ڏني وئي. ان کان پوءِ ڪيترائي ڪلاڪ دير سان جهاز پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.
اردني عورت هوا ۾ ٻار ڄمڻ تي ان جو نالو سما يعني آسمان رکيو. ان موقعي تي عورت جي مدد لاءِ هڪ عربي ترجمان جون خدمتون به ورتيون ويون.
Prev Post
You might also like