غلط ڪرنسي نوٽ ڇاپڻ تي اسٽيٽ بينڪ جي وضاحت

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ غلط پرنٽ ٿيل ڪرنسي نوٽن جي معاملي تي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته وڏي پئماني تي ڇپائي دوران اهڙا نقص ٿي سگهن ٿا، غلط پرنٽ ٿيل نوٽ ٿورڙا آهن.

اسٽيٽ بئنڪ غلط ڇپيل ڪرنسي نوٽن تي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته هن وقت تائين بئنڪن کي فراهم ڪيل نوٽن ۾ رڳو 10 غلط ڇپيل نوٽ مليا آهن، ڇپيل ۽ گردشي نوٽن جي انگ جي حوالي سان اها رقم گهٽ آهي.

وڌيڪ چيو ويو ته غلط پرنٽ ٿيل نوٽن بدران اسٽيٽ بئنڪ مان صحيح نوٽ حاصل ڪري سگهجن ٿا، مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ اندروني ڪنٽرول کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي.

ياد رهي ته پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن وٽ غلط پرنٽ ٿيل بئنڪ نوٽن کي ڌار ڪرڻ جو مضبوط نظام آهي، جنهن جي مدد سان غلط ڇپيل ڪرنسي نوٽن کي ڌار ڪيو ويندو آهي پر تنهن هوندي به هڪ پاسو پرنٽ ٿيل ۽ ٻيو پاسو اڻ ڇپيل نوٽ بينڪن تائين پهچي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.