ڀارتي اداڪارا پاڪستان دوري جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي اداڪارا سونم باوجوا چيو آهي ته هوءَ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي شديد خواهشمند آهي.

هڪ تازي انٽرويو ۾ پنجابي فلمن جي سپر اسٽار جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هن جا گھڻا دوست آهن ۽ هوءَ انهن سان ملڻ چاهي ٿي.

اداڪارا چيو ته پاڪستان جي دوري جو خيال ايندي ئي کيس تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي ۽ کيس اميد آهي ته هوءَ جلد پاڪستان جو دورو ڪندي.

سونم باجوا پاڪستاني مداحن پاران ملندڙ محبت تي سندن ٿورا مڃيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.