ٺٽي ۾ مُهاڻن ڪروڙين روپين جي سُوا مڇي پڪڙي ورتي

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) کارو ڇاڻ جي مُهاڻي حنيف ڪاتيار ڪروڙين روپين جي قيمتي سونهري سُوا مڇي جو شڪار ڪري ورتو.
ابراهيم حيدري ڪوسٽل ميڊيا سينٽر جي ترجمان ڪمال شاهه موجب ڪيٽي بندر ويجهو کُليل سمنڊ مان 300 کان وڌيڪ ناياب نسل جي سوا مڇي جو شڪار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ان مڇي جي قيمت ڪروڙين روپيا ٻڌائي پئيوڃي، قيمتي مڇي هجڻ جي ڪري مُهاڻا ڦرجڻ جي ڊپ سبب ان جي شڪار ۽ خريد ۽ وڪري کي ڳجهو رکندا آهن.
ڪمال شاهه موجب سوا مڇي جي پيٽ مان نڪرندڙ چرٻي ۽ ڦوٽن سان ٽاڪن جو ڌاڳو ٺهندو آهي، سوا مڇي جو گوشت هڪ هزار روپيا في ڪلو وڪرو ٿيندو آهي پر ان جي چرٻي ۽ ڦوٽن جي تمام گھڻي گھرج آهي.
ڊبليو ڊبليو ايف جي ٽيڪنيڪي مشير محمد معظم خان موجب سوا مڇي ڪروڪر نسل سان واسطو رکي ٿي، ان کي سنڌي جي سُوا ۽ بلوچي ۾ ڪر چيو ويندو آهي، سوا جي مهانگي هجڻ جو سبب ان ۾ موجود ايئر بليڊر (ڦوٽو) آهي.
معظم خان موجب ڦوٽي جي چيني کاڌن ۾ وڏي اهميت آهي، چين ۾ ڦوٽو شاهاڻي علامبت به سمجهيو ويندو آهي، جيئن عام طور تي گھرن ۾ سون رکندا آهن، چيني ان ڦوٽي کي سُڪائي پنهنجي گھر ۾ رکندا آهن، پر سوا جي ڦوٽي سان آپريشن جو ڌاڳو بڻجڻ جي ڳالهه ۾ ڪا به سچائي نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.