سائنسدانن اوندهه ۾ روشني خارج ڪندڙ ۽ ٽانڊاڻ جيان چمڪندڙ ٻوٽو تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.
سائنس اينڊوانسز نالي سائنسي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب محققن نئين ٽيڪنيڪ استعمال ڪندي رات جي اوندهه ۾ ٻرندڙ ٻوٽو تخليق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.
فنجائي مان پنج مختلف قسمن جي جينز حاصل ڪري گھربل ٻوٽي ۾ داخل ڪيا ويا، نئين ٽيڪنيڪ جي ذريعي ماهرن هڪ ئي جين جي مدد سان اوندهه ۾ ايل اي ڊي لائيٽس جيان ٻرندڙ ٻوٽو تيار ڪري ورتو.
اهم ڳالهه اها آهي ته نئين ٽيڪنيڪ سان تيار ڪيل پٽونيا پلانٽ اوندهه ٿيڻ تي روشن ٿي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري واپاري بنيادن تي ان ٻوٽي جي گھرج ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي.
اها تحقيق لائيٽ بايو نالي فرم جي تحت ڪئي وئي هئي، ۽ اها ئي فرم ”فائر فلاءِ پٽونيا“ کي وڪرو به ڪري پئي.
لائيٽ بايو جي سي اِي او موجب فائر فلاءِ پٽونيا ٻوٽي جي گھرج تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ اسان اڳ ۾ ٻه ڀيرا ان جي پيداوار ۾ اضافو ڪري چڪا آهيون ۽ جلد ان ۾ وڌيڪ تيزي ڪئي ويندي.
لائيٽ بايو موجب ماڻهو فائر فلاءِ پٽونيا کي پنهنجن باغيچن، گھر جي لان ۽ رڌڻي وغيرا جي سجاوٽ ۾ به استعمال ڪري سگھن ٿا.
You might also like