22 هين صدي ۾ ڪيترائي آمريڪي شهر ويران ٿي ويندا!

شڪاگو (ويب ڊيسڪ) تازي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 2100ع تائين آمريڪا جي گھڻا شهر ويران ٿي سگھن ٿا.
شڪاگو يونيورسٽي جي محققن پاران نيچر سيٽيز نالي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب آمريڪا جي تقريب 30،000 شهرن ۾ اڌ جي ويجهو شهرن ۾ آبادي جي کوٽ آهي.
آمريڪا جي اتر اوڀر ۽ مڊويسٽ خطي جي وڏن شهرن ۾ اڳ کان ئي آبادي گھٽجڻ شروع ٿي وئي آهي جڏهن ڏکڻ ۽ اولهه وارن علائقن جي شهرن ۾ آبادي وڌي رهي آهي پر الاباما، جارجيا ۽ ٽينيسي رياست جي ڪجهه وڏن شهرن ۾ آبادي جي کوٽ آهي.
ٻي پاسي ڪليولينڊ، بوفيلو ۽ پٽسبرگ ۾ 22 هين صدي تائين آبادي ۾ 12 کان 23 سيڪڙو تائين گھٽتائي ڏسڻ ۾ اچي سگھي ٿي جڏهن ته لوئس ول، نيو هيون ۽ سيراڪيوز جهڙن شهرن ۾ جلد آبادي ۾ گھٽتائي جو امڪان آهي.
محققن مان هڪ ميمبر سائبل ڊيريبل جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ ٽيڪساس ۾ اوهان آبادي ۾ في الحال گھڻي اضافو نظر اچي پيو پر جيڪڏهن اوهان 100 سال اڳ مشِيگن رياست کي ڏسو ها ته اوهان چئو ها ته ايندڙ صدي ۾ شهر ڊيٽرائٽ آمريڪا جو سڀ کان وڏو شهر هوندو پر ائين نه ٿيو.
ڄاڻايل تحقيق ۾ آبادي جي کوٽ جي امڪاني سببن جهڙوڪ وڏي عمر جي آبادي جي اثرن کان وٺي معيشت ۾ تبديلي، اُجوري، لڏ پلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن ٻين عملن کي به غور هيٺ آندو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.