ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس اولهه ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته روسي ٽيڪنيڪي طور تي جوهري جنگ لاءِ تيار آهي ۽ جيڪڏهن آمريڪا يوڪرين ۾ فوج موڪلي ته موجودهه حالتن جي شدت ۾ نمايان اضافو ٿي ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب روس ۾ 15 مارچ تي صدارتي چونڊون شروع ٿينديون ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن ئي ايندڙ 6 سالن لاءِ صدر چونڊجي ويندو.
ولاديمير پيوٽن چيو ته جوهري جنگ جو منظر نامو جلد بازي جو متقاضي نه آهي ۽ کين يوڪرين ۾ جوهري هٿيارن جي استعمال جي ضرورت محسوس نه ٿي آهي.
مقامي ٽي وي ۽ نيوز ايجنسي کي هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته فوجي ٽيڪنيڪي نقطه نظر کان، اسان يقينن جوهري جنگ لاءِ تيار آهيون.
روسي صدر چيو ته آمريڪا ۾ روسي، آمريڪي لاڳاپن تي ڳالهائيندڙ ڪافي ماهر موجود آهن، تنهنڪري، آئون نٿو سمجهان ته اسان جوهري ٽڪراءَ ڏانهن وڌون پيا پر اسان ان لاءِ تيار آهيون.
You might also like