رشتا ڪرائيندڙ ايپليڪيشنز بابت حڪومت جي خبرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ رشتا ڪرائيندڙ ايپليڪيشنز ۽ ويب سائيٽس سررم ٿي ويون آهن ۽ ماڻهن جو وڏو انهن تي جيون ساٿي ڳولي رهيو آهي پر حڪومت شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب حڪومت پاران چيو ويو آهي ته شهري جيون ساٿي ڳولڻ ۾ محتاط رهن ڇو ته ٻئي پاسي موجود شخص دشمن ملڪ جي انٽيليجنس ايجنسين مان ڪنهن جو ايجنٽ به ٿي سگهي ٿو يا ٿي سگهي ٿي.

اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهي ايپليڪيشن ڪا پرڏيهي انٽيليجنس ايجنسي هلائي رهي هجي ڇو ته دسمن ملڪن جون انٽيليجنس ايجنسيون شهرين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ورغلائڻ لاءِ اهڙيون ايپليڪيشنز ۽ ويب سائيٽس جو استعمال ڪري رهيون آهن.

نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سيڪيورٽي بورڊ طرفان خبردار ڪيو ويو آهي ته اهڙيون ايپليڪيشنز گوگل پلي تي به موجود آهن، اهي به خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون.

وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن ايپليڪيشنز تي پرڏيهي ايجنسين جا ايجنٽ سرگرم هجڻ جون شاهديون مليون آهن ان لاءِ شهرين ۽ حڪومتي ادارن جي ماڻهن کي خبردار رهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.