ڀارت: ٽرڪ شادي جي پنڊال ۾ گھڙي وئي، 6 ڄڻا فوت، 10 زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ تيز رفتار ٽرڪ شادي جي تقريب ۾ گھڙي آئي جتي مهمانن کي کاڌو کارايو پيو وڃي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو حادثو مبينا طور تي ٽرڪ جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو جنهن ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ بورچي ۽ ويٽرز به شامل آهن.
فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 10 زخمين مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتگين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آحي ته ٽرڪ جي ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو، جاچ عمل جاري آهي. مجرماڻي غفلت ثابت ٿيڻ تي ٽرڪ ڊرائيور جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ٽرڪ مخالف رخ کان اچي رهي هئي ۽ متان ان کي ٽينٽ نظر نه آيو هجي.
حڪومت حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِ 4 لک روپيا في ماڻهو جڏهن ته زخمين لاءِ 50 هزار ڀارتي روپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.