رڳو زال جا وار ڏسي کيس پسند ڪيو هو: مشهور اداڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪار معمر رانا چيو آهي ته عورت جي اصل خوبصورتي سندس ٻارن ۾ نظر ايندي آهي، منهنجي زال نه رڳو ڌيئرن کي پر مون کي به ٻارن جيان پاليو آهي.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس ٻه ڌيئرون آهن ۽ هو ڪافي نرم دل پيءُ آهي، ڌيئرن کي اڳتي وڌڻ کان ناهي روڪيندو، زال سخت مزاج ماءُ آهي جيڪا ڌيئرن جي تربيت تي ڇتي نظر رکندي آهي.

شادي جي حوالي سان معمر رانا انڪشاف ڪيو ته سندس شادي کي 25 سال ٿي ويا آهن ۽ هن زال جي ڊگهن ۽ خوبصورت وارن کي ڏسي کيس پسند ڪيو هو.

ٻئي پاسي سندس زال مهناز جو چوڻ هو ته زال مڙس کي هڪ ٻئي تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن ڪا دل ڏکوئيندڙ ڳالهه هجي ته ان کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ۽ دل کي وڏو رکجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.