اداڪارا امر خان کي انٽرويو ڏيڻ مهانگو پئجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا امر خان کي پنهنجو نئون انٽرويو مهانگو پئجي ويو ۽ هن ان تي وضاحت جاري ڪئي آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ ميڊيا ادارن کي درخواست ڪيئ ته اهي هن جي هاڻوڪي انٽرويو جي وڊيوز کي شيئر نه ڪن.
امر خان ان ڳالهه تي افسوس ڪيو ته آئون جذباتي ٿي انتهائي ذاتي ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن.
هن چيو ته هوءَ پاڻ سان سلهاڙيل هر شخص جو احترام ڪري ٿي ۽ هوءَ ڪنهن کي به هيٺانهون ڏيکارڻ نه پئي چاهي.
اداڪارا چيو ته هن پنهنجي غلطي مان سبق سکي ورتو آهي سندس انٽرويوز کي غلط انداز ۾ پيش نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.