ڀارت ۾ تڪراري قانون لاڳو، آمريڪا ۽ گڏيل قومن خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مودي حڪومت پاران تڪراري شهريت وارو ترميمي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ تي آمريڪا ۽ گڏيل قومن خدشا ظاهر ڪيا آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ شهريت ترميمي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جي اعلان تي فڪرمند آهيون، شهريت ايڪٽ تي ڪيئن عملدارآمد ٿئي ٿو ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو ته آمريڪا مذهبي آزادي، اقليتين سان برابري جو سلوڪ ۽ بنيادي جمهوري اصولن جو احترام ڪري ٿو.
ٻي پاسي گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڀارت جو شهريت ترميمي ايڪٽ بنيادي طور تي امتيازي ايڪٽ آهي جيڪو ڀارت جي عالمي انساني حقن جي ذميوارين جي خلاف آهي.
گڏيل قومن جي اداري موجب قانون لاڳو ٿيڻ جي عالمي انساني حقن موجب هجڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
قانون موجب مرڪزي حڪومت 31 ڊسمبر 2014ع کان اڳ بنگلاديش، پاڪستان ۽ افغانجستان کان ڀارت لڏي آيل هندن، پارسين، سکن، ٻڌن ۽ ٻين جي پيروڪارن ۽ عيسائين کي شهريت ڏئي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.