گاڏيءَ جي مٿان بيهي ڄڃ وٺي ويندڙ گھوٽ سوگھو

اڄ ڪلهه مختلف انداز ۾ ڄڃ وٺي وڃڻ جو رواج وڌندو پيو وڃي جنهن ڪو مهانگي گاڏي ته ڪو موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڪنوار کي وٺڻ لاءِ ويندو آهي پر هڪ گھوٽ سڀ کان انوکو طريقو آمائڻ جو سوچيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست سان واسطو رکندڙ انڪت نالي هڪ گھوٽ پنهنجي ڄڃ کي يادگار بڻائڻ ۽ سڀني جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ انوکو طريقو اختيار ڪيو جيڪو گهوٽ کي مهانگو پئجي ويو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گھوٽ پنهنجي ڄڃ ۾ گاڏي جي مٿان بيٺل هو ۽ ڄاڃي هاءِ وي تان گذري رهيا هئا جڏهن ته ان دوران ڊرون ذريعي ڄڃ جو فوٽوشوٽ به جاري هو پر پوليس سندن مزا خراب ڪري ڇڏيا.
هاءِ وي پوليس پاران گھوٽ کي قانون جي ڀڃڪڙي تي روڪيو ويو ۽ گاڏي کي ضبط ڪري هن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.