گٿن لفظن جو استعمال، افتخار احمد تي ڏنڊ لڳي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي 30 هين ميچ ۾ ملتان سلطانز جي افتخار احمد تي ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، افتخار احمد ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ميچ ۾ اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪيو جنهن سبب مڊل آرڊر بيٽر مٿان ميچ فيس جو پنج سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
پي سي بي موجب، افتخار احمد جو اڻوڻندڙ رويو ليول ون جي ڀڃڪڙي هئي، مٿس آرٽيڪل 2.5 تحت ڏنڊ هنيو ويو.
پي سي بي موجب، افتخار احمد ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽئين اوور دوران وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ گٿي ٻولي استعمال ڪئي ، ميچ کانپوءِ ريفري علي نقوي کيس طلب ڪيو جنهن تي افتخار احمد پنهنجي غلطي مڃي ورتي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي آخري ليگ ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 79 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.