ٽيسٽ ۾ ايشون نمبر ون بالر ، ون ڊي ۾ بابر جي بادشاهي برقرار

دبئي (ويب ڊيسڪ )آءِ سي سي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جي ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته انگش بيٽر جو روٽ ٻئي نمبر تي موجود آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابر اعظم ٻه درجا ترقي ماڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل هڪ درجو ترقي ڪندي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.
آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٻه درجا وڃائڻ کانپوءِ پنجين نمبر تي هليو ويو آهي جڏهن ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما پنج درجا ترقي کانپوءِ ڇهين نمبر پهچي ويو آهي.
ٽيسٽ بالرن ۾ ڀارت جي روي چندرن ايشون جي پهرين جڏهن ته آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ جي ٻي پوزيشن آهي.
ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي.
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته بالرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي حڪمراني آهي.
پاڪستان جي شاهين آفريدي ستين کان ڇهين نمبر تي اچي ويو جڏهن ته ون ڊي آل رائونڊرز ۾ افغانستان جو محمد نمبر پهرين نمبر تي موجود آهي.
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل بيٽرن جي درجابندي ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جي نمبر ون پوزيشن آهي جڏهن ته پاڪستان جو محمد رضوان ٽئين ۽ بابر اعظم چوٿين نمبر تي موجود آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي جڏهن آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جو پهريون نمبر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.