پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي راڄڌاني پشاور ۾ مچني گيٽ جي علائقي ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر زخمي ٿي پيو.
پوليس عملدارن موجب، پوليس اهلڪار معمول موجب گشت تي هئا ته دهشتگردن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني.
حملي ۾ موبائيل انچارج اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر زخمي جڏهن ته ڪانسٽيبل اجمل ۽ سراج شهيد ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس آفيسرن نفري سان گڏ موقعي تي پهچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like