جان محمد مهر قتل ڪيس، گرفتار جوابدارن جي سرڪاري خرچ تي وڪيل ڏيڻ جي درخواست

سکر ( ويب ڊيسڪ ) صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 سهولتڪار جوابدارن سرڪاري خرچ تي وڪيل ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ سهولتڪار طور نامزد جوابدار ماستر بشير مهر. شير محمد شيخ. محمد رمضان شيخ کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ضمانت تي آزاد جوابدار بخشيل مهر. بابر مهر ۽ منور مهر پڻ پيش ٿيا .
سهولتڪار جوابدارن شير محمد شيخ ۽ محمد رمضان شيخ غريب هجڻ جو جواز ڄاڻائي سرڪاري خرچ تي وڪيل ڏيڻ لا اپيل ڪئي.
وڪيل ٻڌايو ته سرڪاري وڪيل قتل ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدارن شيرل مهر. جمن مهر. گلزار مهر. روشن مهر. قربان مهر. نصير مهر ۽ ٻين کي روپوش ڄاڻائي اخبارن ۾ ڏنل اشتهار جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
وڪيل جو چوڻ آهي ته جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار 6 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.