صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي 14هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان پوءِ صدر آصف علي زرداري کي سومر تي هتي ايوان صدر ۾  گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، قومي تراني کان پوءِ نئين چونڊيل صدر هٿياربند فوج جي ڦڙت دستي پاران پيش ڪيل گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، جنهن کان پوءِ صدر آصف علي زرداري  ايوان صدر جي آفيسرن ۽ عملي سان هٿ ملايو، گارڊ آف آنر جي تقريب ۾ بلاول ڀٽو، آصفه ۽ بختاور ڀٽو به شريڪ ٿي، آچر تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ صدر آصف علي  زرداري کي عهدي جو حلف کڻايو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.