گاجي کهاوڙ( عوامي آُواز نيوز) گاجي کهاوڙ ويجهو اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي شبيران کوسو جو مڙهه ڳوٺ رحمون کوسو ۾ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،جنازي نماز ۾ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ محمد ڪليم ملڪ به شرڪت ڪئي آهي، ايس ايس پي ڪليم ملڪ چيو ته ڊاڪٽرز موجب ٻارڙيءَ سان زيادتي ڪئي وئي آهي، اغوا جي شڪ ۾ هڪ گداگر عورت کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، معصوم ٻارڙي شبيران کوسو جو گذريل ڏينهن زرعي زمين مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو.