نصيرآباد(رپورٽ: بشيراحمد) نصيرآباد جي مقتول قومپرست ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪالھ چويھين ڏينھن به مظاهرين اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ شھيد جي وارثن سميت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، پ پ شھيد ڀٽو، جسقم، ڪميونسٽ پارٽي، شھري اتحاد نصيرآباد، سجاڳ شھري اتحاد نصيرآباد، گسٽا، پ ٽ الف، نمسوا، هندو نوجوان اتحاد، ڪمنان، نوجوان اتحاد نصيرآباد جي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي نصيرآباد ٿاڻي تي پھتي جتي پوليس نااهلي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي سسئي لوهار چيو ته شھيد شھيد هدايت لوهار جي قاتلن ايس ايڇ او هدايت ﷲ بجاراڻي ۽ غلام محمد پٽ محمد رمضان کي پوليس انتظاميا گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي رياستي مشينري جوابدارن جي سھولتڪار بڻيل آهي پر آءُ قاتلن جي گرفتاري تائين خاموش نه ويھندس اسين ايندڙ احتجاج سترھن مارچ تي لاڙڪاڻي ۾ ڪنداسين سنڌ واسين کي اپيل ٿي ڪريان ته ضرور شرڪت ڪن سسئي لوهار وڌيڪ چيو تهڪجھ ڏينھن اڳ نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ رحمون کوسو جي معصوم ٻارڙي شبيران کوسو جي قتل تي ايس ايس پي محمد ڪليم ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري سگھيو آهي اسين وارثن سان ڏک جي گھڙي ۾ گڏ آهيون ريلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي فوزيا سينگار گيت ڳايو ۽ سجاڳ شھري اتحاد نصيرآباد جي منصور سومري ۽ ڪمنان جي صوفي غفار چني پڻ خطاب ڪيو.