ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿيل 10 مغوين جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو+ ممتاز سنڌي )ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني باه تي ٺاپر نه اچي سگهيو.بدامني خلاف ۽ اغوا ٿيل خالد ميراڻي،  صدرالدين ميراڻي، در محمد گولو،شمن سھرياڻي،ذيشان سھرياڻي،علي بھار سھرياڻي سميت 10 مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن مير رحمت خان سھرياڻي،معناف خان سھرياڻي،عبدالفتاح تيغاڻي،ولي محمد سھرياڻي، شھبان سھرياڻي،فدا حسين مھمداڻي،شالي خان سھرياڻي،سينگار سھرياڻي، مشتاق گولو،جماعت اسلامي جي غلام مصطفي ميراڻي،بشير احمد ميراڻي،اي ڪي اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب بلوچستان کي ملائيندڙ انڊس هاءِ وي ڌار ڌار هنڌن ڪالٽيڪس پمپ ۽ گولا موڙ انڊس هاءِ وي وٽ روڊ بلاڪ ڪري پوليس جي نااهلي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي مغوين جي وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور وانا وزيرستان بڻجي ويو آهي پوري شھر ۾ بدامني جي باھ ٻري رھيو آھي جيستائين اسان جا تمام مغوي بازياب نه ٿا ٿين ايستائين روڊ بلاڪ رھندو. جڏهن ته پوليس جي نااهلي جي ڪري ڪاروبار مڪمل تباھ ٿي چڪو آهي ڪيترائي ڪاروباري ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن جنھن ڪري ڪروڙين رپين جي ڪاروبار کي ڌڪ لڳو آهي.مغوين جي وارثن وزير اعليٰ سنڌ،سيد مراد علي شاه،آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرائي شھر ۾ امن و امان جي صورتحال کي برقرار رکيو وڃي نه ته روڊ بلاڪ رھندو جڏهن ته روڊ بلاڪ ھجڻ جي ڪري گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.آخري اطلاعن تائين روڊ بلاڪ رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.