جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان دستي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب ڏنڊا لڳڻ سببنوجوان قتل ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعه دستي ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 20 ورهين جو ضمير قتل ٿي ويو، جهيڙي ۾ مير محمد لکمير سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد ڏني وئي، نوجوان جو مڙهه سول اسپتال آندو ويو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.