قاضي احمد حادثي ۾ فوتين جي جنازي ۾ ڪو به عملدار نه پهتو

نوابشاھ(ڊ ر) قاضي احمد لڳ پيش آيل روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي جنازي نماز ۾ شرڪت يا عذرخواهي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد،  اسسٽنٽ ڪمشنر سميت ڪو به سرڪاري عملدار ۽ ٽرالر جو مالڪ به وارثن وٽ نه پهتو، وزيراعليٰ سنڌ جو اعلان به اڌرو رهجي ويو، فوتين جي وارثن جي ڪا به مالي مدد نه ٿي سگهي، حادثي جي مريضن کي بغير علاج جي ڊسچارج ڪرڻ جا افواهه هلندڙ، حادثي جي ايف آئي آر به داخل نٿي سگهي آهي. قاضي احمد ڀرسان عملدار چوڪ تي ڄڃ سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 3 ٻارڙن سميت 6 ماڻهو فوت ٿي ويا، فوتين جي عزيزن پرويز ۽ دائود سولنگي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان هيترو وڏو سانحو ٿي ويو، اسان جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، اسان پنهنجي ٻارڙن سميت 6 ماڻهن جا جنازا کنيا، جنهن اسان جي جيءَ کي جهوري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته افسوس آهي ته اسان جي فوتين جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ يا عذرخواهي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد زاهد حسين رند، اسسٽنٽ ڪمشنر سميت ڪو به سرڪاري عملدار ۽ ٽرالر جو مالڪ به اسان جي تڏي تي لڙي نه آيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي مدد ڪئي وڃي ڇو ته فوتي انتهائي غريب طبقي سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته فوتي رسول بخش کي اولاد نه هو، ڪمائڻ وارو اڪيلو هو، سندس بيواھ جي مالي مدد ڪئي پرويز سولنگي جو چوڻ هو ته اسان جي زخمين کي به پي ايم سي اسپتال نوابشاهه وارن بغير علاج جي ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، جيڪي هينئر گهر آهن پر سڀ تڪليف ۾ آهن، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي نوٽيس ۽ تعاون جي اعلان باوجود ضلعي انتظاميه مڪمل ننڊ ۾ ستل رهي ۽ فوتين جي وارثن جي لاءِ ڪجهه به نه ٿي سگهيو. جڏهن ته آخري اطلاعن موجب حادثي کي هڪ ڏينهن گزرڻ باوجود ايف آئي آر داخل نه ٿي سگهي. رابطو ڪرڻ تي ايم ايس پي ايم سي اسپتال نوابشاهه جي ايم ايس ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته زخمين کي بغير علاج جي ڊسچارج ڪرڻ واري ڳالھ ۾ ڪا به صداقت ناهي، زخمين ۽ انهن جي وارثن جي چوڻ تي اسان انهن کي ڊسچارج ڪيو، وارثن جي چوڻ تي فورسلي ڊسچارج ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.