اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ صحافين کي ايف آءِ اي نوٽيس ڏيڻ ۽ هراسان ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آءِ جي اسلام آباد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ڏوهه جي رڪارڊنگ موجود آهي، انهن جوابدارن جو پتو نه لڳايو ويو؟ هن اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي ڪهڙي قسم جو آءِ جي آهي؟ ان آءِ جي کي هٽائڻ گهرجي، چار سال ٿي ويا، ڇا توهان کي چار صديون گهرجن؟ چيف جسٽس آءِ جي اسلام آباد کي چيو ته سڄو ملڪ توهان جي ڪارڪردگي ڏسي رهيو آهي، آءِ جي اسلام آباد جي رويي مان لڳي ٿو ته هو سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، ڪنهن صحافي کي گولي هڻي ڇڏي، ڪنهن تي تشدد ڪيو، ڪنهن کي کنڀيو، سيف سٽي ڪئميرائون خراب ٿي وينديون آهن. ٻڌڻي دوران بئريسٽر صلاح الدين عدالت کي ٻڌايو ته اسد طور هن وقت جيل ۾ آهي، جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيل ۾ ڇو آهي؟ ان تي بئريسٽر صلاح الدين ٻڌايو ته اسد طور خلاف هڪ ايف آءِ آر داخل آهي. چيف جسٽس چيو ته اسد طور خلاف ڪيس ۾ سنگين نوعيت جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، حساس ڄاڻ سميت ٻيا قلم ڪيئن لاڳو ٿيندا آهن؟ انڪوائري نوٽيس ۾ لکيو ويو ته عدليا خلاف مهم تي طلب ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ عدليا خلاف مهم جو ذڪر ئي ناهي، هي ته عدليا جي ڪلهي تي رکي بندوق هلائي وئي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇو ته ايف آءِ اي کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيون، سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به جج ۽ نه رجسٽرار ايف آءِ اي کي شڪايت ڪئي، سپريم ڪورٽ جو نالو استعمال ڪري تاثر ڏنو ويو ته ڄڻ عدليا جي چوڻ تي ڪارروائي ٿي، ائين ته عوام ۾ عدليا جو اميج خراب ٿيندو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا اسان عدليا کي بدنام ڪرڻ تي ايف آءِ اي خلاف ڪارروائي ڪرائي سگهون ٿا؟ ايف آءِ اي جا لاڳاپيل آفيسر پاڻ عدليا جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن، آءِ ايس آءِ جو نمائندو جي آءِ ٽي ۾ ڪيئن ٿو شامل ٿي سگهي؟ آءِ ايس آءِ انٽيليجنس ايجنسي آهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارو نه، قانون لاڳو ڪرڻ آءِ ايس آءِ جي اختيارن جي دائري ۾ ناهي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته هڪ ڪمشنر چيو ته چيف جسٽس اليڪشن ۾ گڙٻڙ ڪئي، اهو بيان سمورن ٽي وي چئنلز تصديق کانسواءِ نشر ڪيو، سڄي دنيا کي خبر ڏيڻ کان اڳ اها تصديق ڪئي وڃي ٿي، ڪنهن به صحافي تي الزام ناهي لڳايو. پڇو ته الزامن جو ثبوت ڇا آهي، ڇا دنيا ۾ ڪٿي ائين ٿئي ٿو؟ اسان سڀني ٽي وي چينلن کي نوٽيس جاري ڪريون ٿا.