اسلام آباد (م ڊ) 19 رڪني وفاقي ڪابينا ايوان صدر ۾ حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ حلف برداري تقريب ٿي. صدر آصف زرداري 19 رڪني وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين اسيمبلي ميمبرن به شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير، اعظم نذير تارڙ، ڄام ڪمال، اويس لغاري، عطاالله تارڙ، شزا فاطمه، قيصر شيخ، رياض پيرزادا، محمد اورنگزيب، خالد مقبول صديقي شامل آهن. ان کانسواءِ امير مقام، احد چيما، احسن اقبال، اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ، خالد مقبول صديقي ۽ محسن نقوي به حلف کنيو آهي. 13 قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻن سينيٽرن کي وفاقي ڪابينا جو حصو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته 3 اڻ چونڊيل شخصيتون به وفاقي ڪابينا جو حصو آهن.اڻ چونڊيل شخصيتن ۾ محمد اورنگزيب، محسن نقوي ۽ احد چيما شامل آهن، مطلب انهن کي ڪابينا جو حصو رهڻ لاءِ ايندڙ 6 مهينن ۾ قومي اسيمبلي يا سينيٽ جو ميمبر چونڊجڻ لازمي آهي. جڏهن ته ٽن صلاحڪارن کي به وفاقي وزير بڻايو ويندو. وفاقي ڪابينا ۾ شامل وزيرن کي قلمدان ڏنا ويا. خواجه آصف بچاءَ وارو وزير هوندو، ان کان علاوه دفاعي پيداوار ۽ ايوي ايشن جي اضافي چارج به هوندي. قيصر احمد شيخ کي بحري معاملن واري وزارت ۽ رياض پيرزاده کي هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت ڏني وئي آهي. اسحاق ڊار پرڏيهي وزير هوندو. احسن اقبال رٿابندي ۽ ترقي جو وزير، عبدالعليم خان واپار جو وزير، ڄام ڪمال خان واپار جو وزير ۽ اويس احمد خان لغاري کي ريلوي جو وزير بڻايو ويو آهي. عطا تارڙ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير هوندو، رانا تنوير حسين صنعت ۽ پيداوار جو وزير، خالد مقبول صديقي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وزير هوندو، اعظم نذير تارڙ قانون جو وزير هوندو. مصدق ملڪ پيٽروليم وارو وزير هوندو، کيس بجلي واري وزارت جو اضافي چارج به هوندو. چوڌري سالڪ حسين کي اوورسيز پاڪستانيز ۽ هيومن ڊولپمينٽ جو وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته امير مقام کي سيفران جو وزير ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي اضافي چارج به ڏني وئي آهي. محمد اورنگزيب ناڻي وارو وزير هوندو جڏهن ته روينيو جي اضافي چارج به وٽس هوندي. احد چيما کي اقتصادي معاملن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، احد چيما وٽ اسٽيبلشمينٽ جو اضافي چارج به هوندو، جڏهن ته سيد محسن نقوي کي گهرو وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، پر کيس اينٽي نارڪوٽڪس واري وزارت جو اضافي جو قلمدان ڏنو ويو آهي.