اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي گهر واري ۽ ڀاءُ ۾ وري ڏند چڪ ٿي وئي. عدالت ۾ فواد چوڌري جي سامهون حبا ۽ فيصل چوڌري وچ ۾ جهيڙو ٿي ويو. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي گهرواري حبا چوڌري ۽ ڀاءُ فيصل چوڌري وچ ۾ تلخ کلامي ٿي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي فواد چوڌري جي گهرواري ۽ ڀاءُ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جهيڙو ٿي ويو. وڪيل قيصر امام ۽ فيصل چوڌري ڳالهائي رهيا هئا،حبا فواد جي مداخلت تي ٻنهي ۾ تلخ ڪلامي ٿي. حبا فواد چيو ته قيصر امام کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، هو پروفيشنل وڪيل آهي، جنهن تي فيصل چوڌري چيو ته توهان بڪواس پيون ڪريو. حبا فواد جي فواد چوڌري جي مامي سان به تلخ ڳالهه ٻولهه ٿي. فواد چوڌري جي گهرواري چيو ته توهان به فيصل سان مليل آهيو، جنهن تي فيصل چوڌري چيو ته بيوقوفي بند ڪريو، توهان وڏن سان ڪيئن ڳالهائي رهيا آهيو.فواد چوڌري تلخ تقرير دوران زال جي وات تي هٿ رکي کيس خاموش ڪرايو.