محسن نقوي کي انتقام وٺڻ لاءِ ناهي آندو ويو: عطا تارڙ

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي  اڳواڻي ۾ حڪومت عوام جا مسئلا  حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي  سان قدم کڻندي، اسان کي حڪومت جا خرچ گهٽائڻا آهن، ملڪ جي معشيت کي  بهتر ڪرڻو آهي، سومر تي ايوان صدر ۾ حلف کڻڻ واري تقريب کان پوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته اسان اڳ به ڏکيائن جو مقابلو ڪيوآهي، معاشي ڏکيائن ختم ڪرڻ لاءِ قدم  کڻنداسين، هن چيو ته وزيراعظم مستقبل جي حڪمت عملي جوڙيندو، اسان ان تي عمل ڪنداسين،هوڏانهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته محسن نقوي کي پي ٽي آءِ کان انتقام وٺڻ لاءِ آندو ويو آهي، محسن نقوي هڪ متوازن گهرو وزير هوندو، مسحنس نقوي جي دور ۾ پي ٽي آءِ 9 مئي تي حملا ڪيا، هن اليڪشن جي ڏينهن سڀني کي فري هينڊ ڏنو، کيس سٺي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.