لاهور( م ڊ) راڻا ثناالله ۽ سعد رفيق ڪو به سرڪاري عهدو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب راڻا ثنا ۽ سعد رفيق ڪو به سرڪاري عهدو وٺڻ لاءِ تيار نه آهن، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا اهم اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ۽ سعد رفيق ڪو به سرڪاري عهدو وٺڻ لاءِ تيار نه آهن.ذريعن موجب خواجا سعد رفيق عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ٿو چاهي، هن پنهنجي ڀاءُ سلمان رفيق ۽ پارٽي قيادت جي دٻاءُ هيٺ اليڪشن وڙهائي.ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله ضمني چونڊن ۾به حصو وٺڻ نه پئي چاهيو ۽ هن ن ليگ جي سربراهه نواز شريف کي به آگاهه ڪري ڇڏيو . راڻا ثناالله چيو آهي ته هو ن ليگ جو صوبائي صدر آهي ۽ پارٽي پاليسي جو پابند آهي آهي، واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي 19 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو آهي.